حفيظ قريشي (ڪتاب)

حفيظ قريشي (ڪتاب)

حفيظ قريشي3

حفيظ قريشي (ڪتاب): نامور سياستدان حفيظ قريشيءَ بابت هن ڪتاب جو سهيڙيندڙ سنڌيءَ جو ناليوارو ليکڪ آزاد قاضي آهي. ڪتاب ۾آزاد قاضيءَ جي لکيل مقدمي سان گڏ حفيظ قريشيءَ بابت شيخ اياز، جمال ابڙي، عبدالوحيد ڪٽپر، اعجاز منگي، حسن مجتبيٰ، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ابراهيم علواڻي، خاڪي جويي جا مضمون شامل آهن، جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ چاچي حفيظ قريشيءَ جون مختلف موقعن تي ڪيل تقريرون ۽ انٽرويو شامل آهن. ڪتاب جي سرورق تي حفيظ قريشيءَ جي تصوير ڏنل آهي، ڪچي جلد سان 112 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب جي. ايم. سيد فائونڊيشن پاران 2007ع ۾ شايع ڪيو ويو. جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو